گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي پوليس جديد ٽيڪنالوجي ذريعي ناڪابندي ڪري صوابي واسي ٽن ڄڻن گوهر ايوب پٺاڻ، ثناءُ الله پٺاڻ ۽ عبد الله پٺاڻ کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، اغوا کان بچي ويلن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ رانگ نمبر تان ڪال آئي ۽ چيو ويو ته اسان وٽ ايکسيويٽر آهن ۽ انهن کي هلائڻ لاءِ ڊرائيورن جي ضروت آهي، هو گهوٽڪي پهتا ۽ انهن سان ملڻ وڃي رهيا هئا ته پوليس اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي، پوليس موجب اسان جديد ٽيڪنالوجي ذريعي صوابي واسي ٽنهي ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.