گهوٽڪي(رپورٽر)گهوٽڪي پوليس ڪچي واري علائقي مان ڌاڙيلن وٽ ڌاڙيل ٿيڻ جي سکيا وٺڻ جي بهاني ڪچي طرف ويندڙ خيرپور واسي ٻن نوجوانن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو اي سيڪشن گهوٽڪي پوليس موجب ته جديد ٽيڪنولاجي ذريعي خبر پئي ته 2 نوجوان ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي ٽولي ڏي اغوا ٿيڻ وڃي رهيا آهن جنهن بعد اي سيڪشن گهوٽڪي پوليس قادرپور طرف ويندڙ لنڪ روڊ ڳوٺ بنگل گهوٽو وٽ ناڪابندي ڪري خيرپور واسي ٻن نوجوانن جواد علي شيخ ۽ ساجن علي شر کي روڪي پڇاڳاڇا ڪئي ۽ اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو گهوٽڪي پوليس موجب ٻنهي نوجوانن پوليس کي ٻڌايو ته اسان کي ڌاڙيل ٿيڻ جو شوق هو ۽ اسان کي ڪچي ۾ ڌاڙيلن فون ڪال ڪري ٽريننگ ڪرڻ لاءِ ڪچي گهرايو هو اسان انهن سان ملڻ وڃي رهيا هئاسين ته اسان کي پوليس روڪي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي پوليس موجب ته قانوني ڪارروائي بعد ٻنهي نوجوانن کي وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.