گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي پوليس فيصل آباد مان اغوا ڪيل عورت کي بازياب ڪرائي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، يس ايچ او اي سيڪشن گهوٽڪي موجب گشت دوران گهوٽڪي باءِ پاس پنجو باغ روڊ تي فيصل آباد واسڻ عورت روبينا آرائين پوليس کي ڏسي بچائڻ جون دانهون ڪيون، پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي عورت کي بازياب ڪرائي هڪ جوابدار نور محمد کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب بازياب ڪرايل عورت ٻڌايو ته جوابدار نور محمد شادي جو آسرو ڏئي کيس فيصل آباد مان اغوا ڪري گهوٽڪي جي ڪچي ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ وٺي وڃي رهيو هو ته پوليس ڪارروائي ڪئي، پوليس موجب گرفتار جوابدار مٿان عورت کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدار نور محمد جو هڪ گروپ آهي، جيڪو پنجاب جي عورتن کي شادي جو آسرو ڏئي سنڌ ۾ وڪرو ڪندو آهي.