گهوٽڪي(رپورٽر)گهوٽڪي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس لال پير ٻيلي ۾ ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ٺڪاڻن تي ڇاپا ڏوهاري فرار ٿي ويا گهوٽڪي پوليس جي ترجمان موجب ته ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس عادلپور ڀرسان لال پير ٻيلي ۾ قتل پوليس مقابلن اغوا ڀنگ ۽ ٻين سنگين قسمن جي ڪيسن ۾ گهربل جوابدارن سجاول بلو، آزاد بلو، قربان بلو، الطاف بلو ۽ ٻين جي گرفتاري لاء پوليس ڇاپا هنيا ته ڏوهاري پوليس کي ڏسي فرار ٿي ويا. پوليس موجب ته ڏوهارين جي گهرن جي سرچنگ به ڪئي وئي آهي پر اتان به ڪجه ناهي مليو ۽ پوليس عارضي طور ڏوهارين جي گهرن ۾ ويٺل آهي.