گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي جي عدالت ٻن سالن بعد ٻن رينجرز جي اهلڪارن کي شهيد ۽ 5 اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 ڀيرا عمر ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي، فرسٽ ايڊيشنل جج ماڊل ڪورٽ گهوٽڪي جي جج ذڪاءَ لله ابڙو جي عدالت ۾ ٻن رينجرز جي اهلڪارن احمد فهيم ۽ محمد يونس کي شهيد ۽ چئن اهلڪارن گل محمد ملڪ آفاق، آصف عباسي، غلام مصطفي سومرو ظفر اقبال ڀيلار ۽ غلام مرتضيٰ کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته سرڪاري وڪيل ۽ جوابدار محمد اقبال کوکر جو وڪيل پيش ٿي پنهنجا دليل مڪمل ڪيا عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار محمد اقبال کوکر مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 ڀيرا ڦاسي جي سزا ٻڌائي ڇڏي، واضح رهي ته سال 2023ع ۾ سرڪٽ هائوس گهوٽڪي ۾ رينجرز اهلڪار محمد اقبال کوکر رينجرز هيڊ ڪواٽر اندر پنهنجي ساٿين مٿان فائرنگ ڪري ٽن جوانن کي قتل ۽ 5 رينجرز جوانن کي زخمي ڪيو هو.