گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ويجهو ڳوٺ مسو خان ڪلوڙ واسي غلام نبي دايو جي نوجوان پٽ 25 ورهين جي امجد علي دايو کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڳوٺ ۾ ڇتي ڪتي ڏاڙهيو هو، جنهن کي گهوٽڪي اسپتال ويڪسين لاءِ نيو ويو پر ويڪسين بعد کيس ريفر ڪيو ويو هو، ڪجهه ڏينهن ميرپور ماٿيلو سميت سکر ۽ رحيميار خان ۾ نوجوان علاج هيٺ رهيو، جڏهن ته نوجوان رحيميارخان اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي.