گهوٽڪي/عادلپور (نمائندن وٽان) گهوٽڪي ويجهو قومي شاهراهه تي پراڻي دشمني تان تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن هٿان رٽائر پوليس اهلڪار قتل، وارثن جو چوڻ آهي ته برادري جي هٿياربندن پلان ۾ اهلڪار کي قتل ڪيو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، خبر موجب عادلپور ويجهو قومي شاهراهه تي اڳواٽ تاڙ ۾ ويٺل موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري 55 ورهين جي رٽائرڊ پوليس اهلڪار سهراب ٽڳڙ کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي گهوٽڪي پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي مقتول اهلڪار جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول رٽائرڊ پوليس اهلڪار جي ڀاءُ رحيم بخش ٽڳڙ الزام هنيو ته سندس ڀاءُ کي پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن قتل ڪيو آهي، هن چيو ته سال 2015ع ۾ اسان جو برادري ۾ مسئلو ٿيو هو، جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ جيل ڀرسان پوليس اهلڪار مشتاق ٽڳڙ قتل ٿيو هو، جنهن جي پلاند ۾ عابد ٽڳڙ، نثار ٽڳڙ، عمران ٽڳڙ، يوسف ٽڳڙ ۽ ٻين ڀاءُ کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو، ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي گھوٽڪي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.