گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ويجهو ٽرالر ڊرائيور ۽ ڪلينر مبينا اغوا، ٽرالر لاوارث حالت ۾ هٿ، خبر موجب جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تان ٽرالر ڊرائيور ۽ ڪلينر مبينا طور اغوا ٿي ويا آهن، هٿياربند ٽرالر ڊرائيور اعجاز بروهي ۽ ڪلينر اعجاز کوکر کي اغوا ڪري ويا، پوليس موجب ته ڪراچي کان پنجاب طرف موٽر سائيڪلن سان ڀريل ٽرالر قومي شاهراهه تي بروهي موري وٽ لاورث حالت ۾ بيٺل مليو آھي، لڳي ٿو ڊرائيور ۽ ڪلينر کي اغوا ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.