گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان قاضي واهه ۾ وهنجڻ دوران نينگر ٻڏي فوت ٿي ويو. گهوٽڪي شهر جي گهوٽا مارڪيٽ جو رهواسي 15 سالن جو رضوان احمد شيخ مامن وٽ ولو مهر گهمڻ ويو ته قاضي واهه ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويو، واهه تي موجود ماڻهن ٻڏي ويل نينگر رضوان شيخ کي بيهوشيءَ واري حالت ۾ ٻاهر ڪڍي اسپتال پهچايو، ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. واهه ۾ ٻڏي ويل معصوم نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.