گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺاڻي عابد سندراڻي جي زمين ۾ هر ڪاهيندڙ ٽريڪٽر زمين مان ڪڍرائي هارين کي ڀڄائي ڇڏيو، صورتحال خراب ٿيڻ وڃڻ سبب پوليس به واقعي واري هنڌ پهچي وئي،ڪچو ٻنڊي ون ٿاڻي جي حد ڳوٺ رمضان عارباڻي ڀرسان ڳوٺاڻي جادو عارباڻي پنهنجي ساٿين سان گڏجي مبينا طور پنهنجي چڱي مڙس عابد سندراڻي جي زمين ۾ هر ڪاهيندڙ ٽريڪٽر ڪڍرائي زمين پنهنجي هجڻ جي دعوا ڪئي ته صورتحال خراب ٿي وئي، اطلاع تي ڪچو ٻنڊي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري زمين ۾ هر ڪاهيندڙ ٽريڪٽر ۽ جادو عارباڻي جي ماڻهون کي زمين مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ته اصل زمين ڪنهنجي آهي زمين مان ٻنهي ڌرين جي ماڻهون کي ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيو آهي.