سکر/رائونتي(نمائندن وٽان) گهوٽڪي ويجهو خوفناڪ حادثي ۾ پنهنجي اخبار جي رپورٽر حيدرمستوئي جي ڪنوار، امڙ، ٻن ڀائرن ۽ مامي سميت 8 ڀاتي فوت، جڏهن نوجوان صحافي گهوٽ ۽ معصوم نينگري زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار ٻٻرلوءِ جي عيوضي حيدر مستوئي جي ٽي ڏينهن اڳ شادي ٿي هئي، ڪالهه ٻٻرلوءِ کان مريد شاخ ستاوڙي لاءِ پنهنجي خاندان سان گڏ وڃي رهيو هو ته گهوٽڪي ۾ سکر ملتان موٽروي تي گڊو انٽر چينج وٽ افسوسناڪ حادثو پيش آيو. هانءُ ڏاريندڙ حادثي سبب حيدر مستوئي جي امڙ 45 ورهين جي بيبي حسنا زال غلام مصطفي، مامو 40 ورهين جو سلطان احمد، 30 ورهين جو ڀاءُ نظام الدين، 17 ورهين جو ڀاءُ عزير مصطفيٰ، 20 ورهين جي فرزانه زال سلطان، 18 ورهين جي حيدر مستوئي جي ڪنوار سويرا، 4 ورهين جي معصوم جانل، 3 ورهين جو شاهزيب فوت ٿي ويا. جڏهن ته حيدر مستوئي ۽ 7 ورهين جي نينگري سميرا زخمي ٿي پيا آهن. فوتين جا لاش ۽ زخمين کي علاج لاءِ شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. لاش قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. جڏهن ته زخمين کي علاج لاءِ شيخ زيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. 3 ڏينهن اڳ ٿيل شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. موٽروي پوليس جي ذريعن مطابق گهوٽڪي گڊو انٽر چينج ويجهو سکر محراب موٽروي فائيو تي پنهجي سائيڊ کان هلندڙ تيز رفتار ٽرالر اوچتو ٻئي سائيڊ طرف ٽرن ڏنو جنهن سبب پٺيان ايندڙ حيدر جي گاڏي ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، موٽروي ۽ ضلعي پوليس جي نااهلي سبب موقعي تان ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو جڏهن ته پوليس ٽرالر تحويل ۾ وٺي ڊرائيور جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي