گھوٽڪي/پنوعاقل (نمائندن وٽان) گھوٽڪي ۽ پنوعاقل جي وچ واري علائقي ڳوٺ لال پير ۾ بُلا برادري جي ٻن ڌرين  ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو ، ڌرين ۾ فائرنگ سبب 2/ نارين سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا،لال پير واري علائقي ۾ بُلا  برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي دشمني تان ھڪ ٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ جي ڪري ٻنھي ڌرين جي ٻن نارين سميت چئن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا ، جڏھن ته فائرنگ ۾ زخمي ٿيل حميدان کي گهوٽڪي جي اسپتال ۾ علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري کيس سکر ريفر ڪيو ويو جنھن رستي ۾ دم ڏيئي ڇڏيو، جڏھن ته جھيڙي ۾ معمولي زخمي ٿيل ٻي ناري صغران ڌي سجاول بلو سميت زخمي ٿيل الطاف بلو ، راشد بلو کي وارث مقامي ۽ خانگي اسپتال علاج ڪرائڻ کانپوءِ ڳوٺ طرف واپس روانو ٿي ويا ، جڏھن ته  اِن حوالي سان گھوٽڪي جي پوليس جو چوڻ آھي، اسپتال ۾ صرف ھڪ زخمي ناري کي کڻي آيا، جيڪا فوت ٿي وئي آھي وڌيڪ زخمين بابت کيس ڄاڻ ناھي پوليس موجب وارثن جي اچڻ تي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آھن جڏھن ته مقتولا جي امڙ جو چوڻ ھو ته جوابدار مير علي بلو ۽ ٻين گھر تي ڪاھ ڪري 25 مينھون ڪاھي ڌي کي گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي جڏھن ته ٻي پاسي علائقائي ذريعن جو چوڻ آھي ته ڌرين ۾ پراڻو خوني تڪرار ھلندڙ آھي جنھن تان ٻيھر جھيڙو ٿيو آھي.