حيدرآباد (بيورو رپورٽ) گهوٽڪي ۾ ٻن معصوم ٻارڙن جي بيرحماڻي قتل واقعي جي مذمت ڪندي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي جاچ ڪري واقعي ۾ ملوث ڪردارن کي وائکو ڪري کين ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. ان سلسلي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي جاري ڪيل بيان ۾ گهوٽڪي ۾ 9 سالن جي نينگري ڪلثوم ۽ سندس ڀاءُ 12 سالن جي سلمان لغاري واري واقعي کي پوليس جي روايتي غفلت جو نتيجو قرار ڏنو. هن چيو ته قتل ٿيل معصوم ٻار ھڪ ڏينھن اڳ گم ٿيا هئا. جيڪڏهن پوليس پوليس فوري نوٽيس وٺي ھا ته سندن حياتيون بچي وڃن ها. سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو ته دل ڏکائيندڙ واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. واقعي تي دل رت جا ڳوڙها پيو روئي. هن چيو ته اهو واقعو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو، ان کان اڳ به اهڙي قسم جا واقعا ٿيا آهن پر ملوث ڪردار وائکا نه ٿيڻ سبب سلسلو رڪجي ناهي سگهيو. سيد زين شاهه چيو ته گهوٽڪي ۾ ٻارن جا تشدد ٿيل لاش ملڻ پيپلزپارٽي توڙي سنڌ سرڪار جي منهن تي زوردار چماٽ آهي ڇاڪاڻ ته سرڪار ٻارن کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. هن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي کي لاقانونيت جو مرڪز بڻايو ويو آهي. گهوٽڪي ۾ معصوم ٻارن کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو. هن چيو ته گهوٽڪي ۾ معصوم ٻارڙن جا لاش سنڌ ۾ لاقانونيت، دهشتگردي ۽ وحشت جو ڀيانڪ روپ آهن ان لاءِ دردناڪ واقعي جي ايف آءِ آر سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن تي داخل ڪئي وڃي. سجاڳ ٻار تحريڪ جي اڳواڻن فاضل کوسو، زوهيب ڪلمتي ۽ ٻين چيو آهي ته حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ٻارڙن جي قتل توڙي اغوا واقعن تي خاموش آهن جنهن ڪري روزانو ٻارن جي اغوا ۽ قتل جا واقعا پيا ٿين. هنن چيو ته چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي سميت لاڳاپيل ادارن کي تحرڪ وٺڻ گهرجي ته جيئن جيءُ جهوريندڙ واقعي ۾ ملوث سفاڪ قاتل ڪيفر ڪردار تائين پهچي سگهن. عوامي جمهوري پارٽي جي صدر ايڊووڪيٽ لال شاهه ۽ ٻين به ڪلثوم ۽ سندس ڀاءُ سلمان جي واقعي جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.