گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي جي ايريگيشن ڪالوني جو رهواسي جمشيد احمد ڪليري جو اسڪارپ ڪالوني ڀرسان لاش هٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارث گهر کڻائي ويا، وارثن موجب گذريل رات نوجوان گهران نڪتو هو ۽ صبح جو لاش مليو، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، هوڏانهن پوليس موجب نوجوان ڀرسان آئيس ۽ سگريٽ مليا آهن، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.