گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪيءَ مان عيد رات اغوا ٿي ويل پيءُ پٽ کي بازياب ڪرائڻ ۾ پوليس ناڪام، ڀنگ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ ٻنهي مغوين کي قتل ڪري درياءَ ۾ لاش لوڙهڻ جي ڌمڪي، ڌاڙيلن سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي. خبر موجب گهوٽڪيءَ مان عيد رات اغوا ٿي ويل پيءُ پٽ اقبال احمد ۽ عبدالباسط مگسيءَ کي 5 ڏينهن گذرڻ کان پوءِ به پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي. ٻئي پاسي ڏوهارين ڀنگ جي رقم جلد نه پهچائڻ جي صورت ۾ پيءُ پٽ کي قتل ڪري لاش درياءَ ۾ لوڙهڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. ڌاڙيلن پاران مغوي ڳوٺاڻي اقبال مگسيءَ جي وائرل ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مغوي وارثن کي چئي رهيو آهي ته ڀنگ ڀري کين آزاد ڪرايو وڃي. ڀنگ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڌاڙيلن لاش سنڌو درياءَ لوڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. مغوي وڊيو ۾ وڌيڪ چئي رهيو آھي ته ٻن ڏينهن کان معصوم پٽ عبدالباسط کي مون کان پري رکيو ويو آهي، خبر ناهي ته هو ڪهڙي حال ۾ هوندو. واضح رهي ته ڌڙيلن ٻنهي مغوين جي بازيابيءَ عيوض وارثن کان هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي.