گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي ۾ نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت فوت ٿي وئي، وارثن جو اسپتال عملي خلاف احتجاج، عملو اسپتال ڇڏي فرار، نجي اسپتال سيل، خبر موجب شھر جي ماٿيلو روڊ تي قائم نجي اسپتال ۾ عادلپور واسڻ عورت عذرهه چنا کي ڊليوري لاءِ آندو ويو، جتي آپريشن دوران عورت فوت ٿي وئي، عورت جي وارثن اسپتال عملي خلاف احتجاج ڪيو، عورت جي مڙس اسد الله چنا چيو ته گهر واري کي ڊليوري لاءِ اسپتال وٺي آيس ته ڊاڪٽر ثمينا چيو ته اوهان جي گهرواري جي ڊليوري نارمل طريقي سان نه ٿيندي، آپريشن ڪرڻو پوندو، ڊاڪٽرياڻي جلدبازي ۾ غلط آپريشن ڪيو، جنهن سبب هوءَ فوت ٿي وئي، وارثن جي احتجاج دوران عملو اسپتال ڇڏي فرار ٿي ويو، جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهچي نجي اسپتال کي سيل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد وارث فوت ٿيل عورت جو لاش کڻي ڳوٺ روانا ٿي ويا، هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڊاڪٽرياڻي ثمينا سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن جو فون نمبر بند مليو.