گهوٽڪي: مرشد بڻجي مريدياڻي کي اغوا ڪندڙن کي هٿڪڙيون لڳي ويون

0
112
گهوٽڪي: مرشد بڻجي مريدياڻي کي اغوا ڪندڙن کي هٿڪڙيون لڳي ويون
گهوٽڪي: مرشد بڻجي مريدياڻي کي اغوا ڪندڙن کي هٿڪڙيون لڳي ويون

گهوٽڪي(ن پ ا)  گهوٽڪي ڀرسان مرشد ٿي مريدن وٽ آيل مرشد مريدياڻي کي اغوا ڪري وڻ واري مامري ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، گهوٽڪي جي عدالت عورت حفيظان منگي کي اغوا ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار احمد علي شاهه ۽ عامر سندراڻي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي

سرحد ڀرسان ڳوٺ پانڌي فقير جي رهواسڻ شادي شده عورت حفيظان منگي کي اغوا ڪرڻ واري سرحد ٿاڻي تي داخل ٿيل ڪيس ۾ جوابدار سيد احمد علي شاهه ۽ عامر سندراڻي پڪي ضمانت ڪرائڻ لاءِ سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت پهتا ته عدالت ضمانت واري داخل درخواست رد ڪري ڇڏي

ضمانت رد ٿيڻ بعد جوابدار سيد احمد علي شاهه ۽ عامر سندراڻي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته عدالتي احاطي ٻاهران بيٺل پوليس ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿڪڙيون هڻي لاڪپ ڪري ڇڏيو

عدالتي احاطتي اندر عورت حفيظان خاتون منگي پنهنجي ٻارڙن سان ملاقات ڪئي جنهن دوران لڙڪ هاري ويٺي ۽ پنهنجي وڪيل نادر علي چاچڙ معرفت پيش ٿي پنهنجي اڳوڻي مڙس عرض محمد منگي سان گڏ وڃڻ جي حق ۾ بيان رڪارڊ ڪرايو، عدالت 10 لک روپين جي مچلڪن عيوض عورت کي مڙس عرض محمد منگي حوالي ڪري ڇڏيو

واضح رهي ته هڪ مهينو اڳ سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ پانڌي فقير جي رهواسي عرض محمد منگي سرحد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته ڪنڌڪوٽ جو سيد مرشد ٿي گهرآيو ۽ پنهنجي ساٿين سان گڏجي منهنجي گهرواري حفيظان منگي کي اغوا ڪري ويو هو