گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي لڳ پراڻي دشمني تان هٿياربندن جو دڪان تي حملو، فائرنگ ۾ پورهيت نوجوان قتل، واقعي بعد جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب گيمڙو ٿاڻي جي حد خان ڳوٺ ۾ جاگيراڻي برادري جي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ڏينهن ڏٺي دڪان تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب پورهيت قربان چاچڙ مارجي ويو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، مليل ڄاڻ موجب قربان چاچڙ خان ڳوٺ ۾ پنڪچر جو دڪان هلائي پيٽ گذر ڪندو هو، صبح جو دڪان کولي ڪم ڪار ڪري رهيو هو ته موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن سندس دوڪان تي چڙهائي ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي چاچڙ برادري جا ماڻهو ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي ويجهي عزيز موسيٰ چاچڙ الزام هنيو ته گيمڙو پوليس جي موجودگي ۾ هيٿاربندن اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو آهي، سڏ پنڌ تي ٿاڻو هجڻ باوجود گيمڙو پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، ٻڌايو پو وڃي ته 5 سال اڳ هٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ دوران رڙين تي چاچڙ برادري جي ماڻهن پهچي هٿياربندن جو پيڇو ڪيو هو، جنهن بعد هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ چاچڙ قتل ٿيو هو، جنهن بعد چاچڙ برادري جي ماڻهن پلاند ۾ جاگيراڻي برادري جي هڪ شخص کي قتل ڪيو هو، جنهن جي پلاند ۾ جاگيراڻي برادري جي هٿياربندن قربان چاچڙ کي قتل ڪيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.