گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪيءَ ۾ ڊينگي سبب نينگر سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، سون جي تعداد ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا مليريا سبب اسپتال داخل. گهوٽڪيءَ ڀرسان ڳوٺ صوبدار خان کهاوڙ جي رهواسي مولانا غلام مصطفيٰ کهاوڙ جو 15سالن جو پٽ فضل الله کهاوڙ کي طبعيت خراب ٿيڻ سبب سول اسپتال گهوٽڪيءَ ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو. سول اسپتال گهوٽڪيءَ ۾ ڊيوٽيءَ تي موجود ڊاڪٽرن موجب نينگر ڊينگيءَ سبب فوت ٿيو، ٻار جو لاش گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو. واضح هجي ته ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتي پاران اسپري نه ڪرائڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي ۽ سون جي تعداد ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا مليريا ۾ مبتلا ٿيڻ سبب اسپتال داخل آهن.