گهوٽڪي (رپورٽر) سنڌ بار ڪائونسل پ پ ايم پي اي راجا مهر ۽ گامڻ گبول جي شڪايت تي گهوٽڪي جي وڪيل قمبر شاهه ڪاظمي جو لائسنس معطل ڪري ڇڏيو، سنڌ بار ڪائونسل جي ايڪٽنگ جنرل سيڪريٽري شڪايت جي ملندڙ درخواست تي هڪ سرڪيولر نمبر 400 جاري ڪندي وڪيل قمبر شاهه جو وڪالت وارو لائسنس معطل ڪري ڇڏيو، پ پ ايم پي اي راجا مهر شڪايتي درخواست ۾ لکيو هو ته قمبر شاهه ڪاظمي وڪالت جي نالي تي عدالت ۾ ڪوڙيون پٽيشنون داخل ڪري بنا جواز تنگ ڪري رهيو آهي، جنهن بعد بار ڪائونسل سندس لائسنس معطل ڪري ڇڏيو.