گهوٽڪي جي ڪچي ۾ پوليس پڪٽ تي ڏوھارين جو حملو، اھلڪار شھيد

0
109
گهوٽڪي جي ڪچي ۾ پوليس پڪٽ تي ڏوھارين جو حملو، اھلڪار شھيد
گهوٽڪي جي ڪچي ۾ پوليس پڪٽ تي ڏوھارين جو حملو، اھلڪار شھيد

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي ڪچي ۾ پوليس پڪٽ تي ڏوھارين جو حملو، اھلڪار شھيد، ڪچي جي ٻنڊي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس پڪٽ تي ڏوھارين جو حملو، پوليس اھلڪار شھيد ٿي ويو

ٻنڊي ٿاڻي جي حد ۾ واقع پوليس پڪٽ تي هٿياربندن جي حملي ۾ اهلڪار علي بخش پتافي شهيد ٿي ويو، اطلاع تي مختلف ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي

ايس ايس پي گهوٽڪي منير کهڙو جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ پاڻ وڃي رهيو آهيان، ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي، ڏوهارين جو خاتمو ڪيو ويندو