گهوٽڪي(رپورٽر ) گهوٽڪي جي ڪچي ۾ دهشت جي علامت بڻيل ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل رپوش ڌاڙيل حنيف عرف حنفو ميراڻي ڏوھن جي دنيا کان تنگ ٿي ڊي ايس پي گھوٽڪي حافظ عبدالقادر چاچڙ جي آفيس پهچي گرفتاري پيش ڪري ڇڏي، ان حوالي سان ڊي ايس پي گهوٽڪي حافظ عبدالقادر چاچڙ ايس ايچ او اي سيڪشن گهوٽڪي گل محمد مهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جي هلندڙ آپريشن بعد مختلف ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري حنيف عرف حنفو ميراڻي ڏوهن جي دنيا مان تنگ ٿي پاڻ کي پوليس حوالي ڪيو آهي هاڻ ان مٿان ٻيو ڪوبه ڪيس داخل نه ڪيو ويندو.