گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي شهر ۾ نالين جو گندو پاڻي روڊ رستن ۽ بازارن ۾ بيهجي ويو. ميونسپل انتظاميا ضلعي هيڊڪوارٽر جي مالڪيءَ تان هٿ کڻي وئي. ميونسپل انتظاميا جي  نااهلي سبب شهر جي انور آباد، ليڊيز مارڪيٽ، عصمت الله مارڪيٽ، حسين ٻيلي ۽ اسٽيشن روڊ تي نالين جو گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيهڻ سبب شهري ۽ دوڪاندار پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا. ان حوالي سان سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن گرمک داس، مجاهد، سخي جان چاچڙ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سي ايم او ۽ ٽي ايم او گهوٽڪيءَ جي نااهلي سبب پورو شهر ڍنڍ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. ان جي باوجود گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪي به ڪوششون نه پيون ورتيون وڃن. شهرين ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪيءَ کان مطالبو ڪيو ته شهر مان گندي پاڻيءَ جو نيڪال فوري طور يقيني بڻايو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ميونسپل عملدارن ٻڌايو ته شهر جي مين لائين بند ٿيڻ سبب شهر ۾ گٽر اٿلي پيا آهن، جنهن کي درست ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، شهر مان گندو پاڻي جلد نيڪال ڪرايو ويندو.