گهوٽڪي(رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي ۾ بااثرن پسند جي شادي ڪندڙ ٽن ٻارڙن جي ماءُ خانسا ميراڻي کي مڙس الطاف شيخ سان ڪارنهن الزام مڙهي جرڳو ڪري 50 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪري ڇڏيو، اهڙي جرڳي خلاف عورت پنهنجي مڙس سان گڏ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، ڏنڊ جي رقم 50 لک روپيا نه ڀري ڏيڻ ۽ جرڳو مڃڻ کان انڪار ڪرڻ تي نوجوان الطاف علي شيخ ۽ عورت خانسا ميراڻي کي قتل جي فتويٰ جاري ڪئي وئي، ان ڏس ۾ ڳوٺ ولو مهر جي رهواسڻ عورت خانسا ميراڻي موجب ته هن چار سال اڳ الطاف حسين شيخ سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن مان ٽن ٻارڙن جي اولاد به آهي هاڻ علائقي جي بااثر وڏيري بالاچ شاهاڻي ۽ آدم ميراڻي جرڳو ڪري منهنجي مڙس مٿان 50 لک ڏنڊ وڌو آهي، جيڪو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪرڻ تي مڙس الطاف شيخ ۽ مون کي مارڻ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي آهي ۽ هاڻ اسان کي مارڻ لاءِ جبار ميراڻي، غلام حيدر ميراڻي ساٿين سان گڏ اسان جي ڳولا ڪري رهيا آهن، عورت تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ جرڳو ڪندڙ وڏيرن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.