گهوٽڪي (رپورٽر) عدالتي حڪم تي گهوٽڪي ضلعي جي برسات متاثرن جا مسئلا معلوم لاءِ گهوٽڪي سرڪٽ هائوس ۾کليل ڪچهري منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي برسات متاثرن ڪامورن آڏو شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا. برسات متاثرن دانهيندي چيو ته گهر ڊهي پوڻ بعد گذريل ڇهن مهينن کان سرد راتين ۾ کليل آسمان هيٺان زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. ضلعي انتظاميا ڪابه سار ناهي لڌي. ضلعي انتظاميا هن وقت تائين قادرپور شينڪ بند کي لڳل گهارو بند نه ڪرائي سگهي آهي. مختلف علائقن ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي پر پبلڪ هيلٿ ۽ ميونسپل عملي نيڪاليءَ لاءِ ڪي به ڪوششون ناهن ورتيون. ان موقعي تي سيڪريٽري زراعت ٻڌايو ته آبادگارن کي ٻج فراهم ڪرڻ لاءِ ساڍا 8 ارب مختص ڪيا ويا آهن، ايندڙ 15 ڏينهن تائين آبادگارن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي رقم موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو. جڏهن ته برسات دوران مختلف حادثن ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن کي 10- 10 لک رپيا فراهم ڪيا ويندا. کليل ڪچهريءَ ۾ پنهنجا مسئلا ٻڌائيندڙ متاثرن کان لکت ۾ پڻ درخواستون وصول ڪري لاڳاپيل عملدارن حوالي ڪيون ويون.