گهوٽڪي/ قادرپور (رپورٽ: ماجد سنگهڙ/ شاهنواز سومرو) گهوٽڪيءَ ڀرسان هٿياربندن جو پوليس پڪٽ تي حملو، هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 2 ڄڻا زخمي، سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. گذريل ڏينهن گهوٽڪيءَ ڀرسان آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد صادق لکڻ پوليس پڪٽ تي هٿياربندن حملو ڪري ڏنو، نتيجي ۾ ڊيوٽيءَ تي موجود پوليس اهلڪار قادرپور واسي خالد حسين ميمڻ موقعي تي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته 2 پوليس اهلڪار گهوٽڪي واسي سڪندر چوهاڻ ۽ قيصر ڪلهوڙو زخمي ٿي پيا. پوليس چوڪيءَ تي حملي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا. اطلاع تي مختلف ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شهيد ٿي ويل اهلڪار جو مڙهه ۽ زخمي پوليس اهلڪارن کي کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو، جتان شهيد اهلڪار خالد حسين ميمڻ جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته زخمي پوليس اهلڪارن کي فرسٽ ايڊ ڏئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو. صادق لکڻ پوليس چوڪيءَ تي ڏوهارين جي حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار خالد ميمڻ جي جنازي نماز پوليس لائين ميرپورماٿيلو ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تُنيو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ماجد حميد سميت رينجرز جي آفيسرن،  اهلڪارن ۽ سياسي سماجي ڌرين جي نمائندن، پوليس اهلڪارن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ شهيد اهلڪار مڙهه سرڪاري اعزاز سان اباڻي ڳوٺ روانو ڪيو ويو. هوڏانهن واقعي جو ڪيس رات دير تائين داخل نه ٿي سگهيو هو.