گهوٽڪي(رپورٽر)گهوٽڪيءَ ڀرسان فيڊر واهه کي 30 فوٽ گهارو لڳڻ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل ڦٽي ۽ ڪمند جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، 8 ڪلاڪن جي ڪوششن بعد گهاري کي بند ڪيو ويو. گهوٽڪيءَ ڀرسان ڳوٺ مولا بخش شيخ ۽ ڪوڙو گهوٽو جي  رهواسي ڳوٺاڻن محمد عيسن گهوٽو، محمد رمضان ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گهوٽڪي فيڊر واهه کي گهارو لڳڻ سبب پاڻي تيزي سان فصل ٻوڙيندو سي پيڪ موٽروي سان ٽڪرائجي ويو. ڳوٺاڻن موجب فيڊر واهه کي گهاري لڳڻ جو آبپاشي عملي کي بروقت اطلاع ڏنو ويو پر آبپاشي عملو گهاري واري هنڌ نه پهتو. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت 8 ڪلاڪن جي ڪوشش بعد گهاري کي بند ڪري ورتو. ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي چيو ته آبپاشي عملي جي ملي ڀڳت سان گهوٽڪي فيڊر مان مٽي ڪڍرائي ڪپرن کي ڪمزور ڪيو ويو، جنهن سبب گهارو لڳو. هنن مطالبو ڪيو ته لکين رپين جي ٿيل نقصان جو الزالو ڪيو وڃي.