ڪنڊيارو (ن پ ا) بااثرن وٽ مبينا يرغمال بڻايل هالاڻي واسي نوجوان ناري نسيم سولنگي جي والد مير خان سولنگي سندس بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو، ان موقعي تي هن جو چوڻ هو ته برساتن سبب گهر ڊهي پيا، جنهن بعد هو هالاڻي ۾ اچي رهيا جتي بااثر عدنان هاليپوٽو ۽ ٻين وٽ منهنجي گهر واري پنهنجي نياڻي سان گڏ گهر جو ڪم ڪار ڪندي هئي، هن ٻڌايو ته بااثرن نياڻي کي حيدر آباد موڪلي نامعلوم هنڌ قيد ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته نياڻي جي واپسي جي گهر ڪرڻ تي بااثر مڇرجي پيا آهن ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن مطالبو ڪيو ته  نياڻي کي بااثرن وٽان آزاد ڪرايو وڃي.