ننگرپارڪر ( ن پ ا ) ننگرپارڪر لڳ نوجوان غربت کان تنگ ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو خبر موجب ننگرپارڪر جي ڳوٺ آڌيگام ۾ 24 سالن جي ايشور پٽ ويلو ڪولھي غربت کان تنگ ٿي پنھنجي گھر ۾ ٺھيل لانڍي ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان غريب ھو، سندس پيءُ فوت ٿي چڪو آھي، نوجوان گھر جو واحد سنڀاليندڙ ھو، وٽس غربت سبب گهر جي راشن جا پئسا به نه ھوندا هئا، ننگرپارڪر پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش ننگرپارڪر اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.