ملير: معصوم پٽ کي قتل ڪندڙ ظالم پيءُ جاچ دوران پوليس کي ٻڌايو ته گهر ۾ اڪيلو هئس ته نينگر فرش تي ڪريو جنهن کي مٿي ۾ ڌڪ لڳو ان جي روئڻ تي گهٽو ڏنو جنهن بعد کيس موٽر سائيڪل تي کڻي هڪ هٿ سندس ڪنڌ ۾ وجهي پڪڙي ساڍي ستين بجي گهران نڪتس جنهن بعد گهمندو رهيس ۽ نينگر جو لاش ڏهين بجي پورٽ قاسم ويجهو روڊ ڀرسان نالي ۾ اڇلايو.
ملير: پوليس موجب نينگر جي پيدا ٿيڻ بعد ظالم پيءُ نينگر کي ملير جي علائقي ڊي-4 ۾ رهندڙ مائٽ ناصر کي هنج ڏنو هو جنهن بعد ڪجهه وقت اڳ ناصر کان پنهنجو پٽ واپس ورتو، جاچ پوليس موجب لاش جي سڃاڻپ نينگر کي هنج وٺندڙ ناصر پاران تصوير ڏسي ڪئي وئي ۽ ان نينگر جي ماءُ فرح کي پڻ تصوير ڏيکاري جنهن پڻ سڃاڻپ ڪئي