“ گهر ڀاتي ۽ وڪيل ناهن” عمران ۽ بشريٰ نه آيا: 190ملين پائونڊز جو فيصلو ٽيهر ملتوي، 17 جنوري نئين تاريخ

0
26

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي عدم حاضري تي 190 ملين پائونڊ ريفرنس تي فيصلو ٽيون ڀيرو ملتوي ڪيو ويو، احتساب عدالت جو جج ناصر جاويد فيصلو ٻڌائڻ لاءِ صبح ساڍا 8 وڳي ۽ نيب جي 5 رُڪني پراسيڪيوشن ٽيم ساڍا 9 وڳي اڊيالا جيل پهتي، احتساب عدالت جي جج چيو ته پي ٽي آءِ باني نه آيو آهي، نه بشريٰ بي بي، سندس وڪيل ۽ نه ئي گهرڀاتي عدالت آيا آهن، فيصلو تيار هو ۽ اُن تي صحيُون به ٿي چُڪيون هيون، 2 ڪلاڪ انتظار ڪيو، پي ٽي آءِ باني کي عدالتي ڪمري ۾ آڻڻ لاءِ 2 نياپا اُماڻيا پر نه آيو، بشريٰ بي بي کي خبر هئي ته فيصلو ٻڌايو ويندو، پوءِ به نه آئي، وڌيڪ هڪ موقعو ڏيون ٿا، فيصلو ايندڙ جمعي تي ٻڌايو ويندو، جج چيو ته خان صاحب کي ٻيهر پيغام موڪليو آهي ته هو عدالت اچي، ان جو جواب آيو آهي ته جڏهن منهنجي فيملي ۽ وڪيل ايندا ته آرام سان عدالت ايندس. جج وڌيڪ رمارڪس ڏنا ته مون کي جوڊيشل ڪمپليڪپس ۾ ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي ڪرڻي آهي ان لاءِ وڌيڪ انتظار نٿو ڪري سگهان. اُن کان اڳ عدالت فيصلو ٻڌائڻ لاءِ 23 ڊسمبر، 6 جنوري ۽ 13 جنوري جي تاريخ مقرر ڪئي هئي، هاڻ 17 جنوري تي فيصلو ٻڌايو ويندو.