ملير (رپورٽر) ملير ۾ گهر مالڪ پاران گهر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس ڏيڻ تان مسواڙي گهر مالڪ ۽ بلڊنگ ۾ رهندڙ هڪ ٻئي مسواڙي کي زخمي ڪرڻ بعد پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. ان ڏس ۾ شاهه لطيف جي سيڪٽر 17 بي ۾ گهر مالڪ وحيد شيخ پنهنجي مسواڙي بابر مجيد کي گهر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس ڏنو، گهر خالي نه ٿيڻ تي گهر مالڪ پاران گهر خالي ڪرڻ لاءِ  زور ڀرڻ تي مسواڙي بابر مجيد مڇرجي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهر جو مالڪ وحيد شيخ ۽ بلڊنگ ۾ رهندڙ ٻيو مسواڙي حبيب الله گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي ملزم مٿان پيش پوڻ لاءِ زور ڀريو، ڪسٽمز جي اڳوڻي ملازم 50 ورهين جي بابر مجيد پوليس آڏو پيش پوڻ بجاءِ پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، پوليس مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي پوليس پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته گهر جي مالڪ وحيد شيخ  مسواڙي بابر کي گهر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس موڪليو هو، جنهن تي بابر پنهنجي فيملي کي ٻئي پاسي منتقل ڪيو هو ،  پوليس واقعي واري هنڌ تان 32 بور جو پسٽل هٿ ڪري ورتو آهي.