ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا حريم فاروق چيو آهي ته شاديءَ لاءِ عورت گھر جو ڪم اچڻ ضروري نه آهي، گھر جي ذميوارين ۾ مردن کي به برابر حصو ڳنڍڻ گهرجي. هڪ نجي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ ڳالهائيندي حريم فاروق چيو ته اهو غلط معيار آهي ته شادي لاءِ عورت کي کاڌو ٺاهڻ، ٿانوَ ڌوئڻ ۽ ٻين گھرن جي ڪم ڪارن ۾ ماهر هئڻ ضروري آهي. هن چيو ته زندگي ۾ گذارڻ لاءِ اِهي ڪم هر ڪنهن کي اچڻ گهرجن، پر ان ڪم لاءِ رڳو عورتن لاءِ مخصوص ڪرڻ درست ناهي. حريم فاروق جو چوڻ هو ته شادي خوشگوار بڻائڻ لاءِ صبر، عزت،۽ محبت ضروري آهي، جوڙي کي سکڻ گهرجي ته هڪٻئي سان پيار ۽ محبت سان ڪيئن رهڻو آهي.هن وڌيڪ چيو ته شادي ظاهري طور ڏاڍي خوبصورت لڳندي آهي، پر ان کي نڀائڻ هڪ وڏي ذميواري آهي، ان صبر ۽ همت جومظاهرو ڪرڻو پوندو آهي.