خانپور (ن پ ا) سيشن جج شڪارپور جي حڪم تي خانپور ٿاڻي تي مسمات ارشادان جي فرياد تي ڊي ايس پي خانپوررانا نصر الله ايس ايچ او نيوفوجداري اختر علي ابڙو، ايس ايچ او خانپور طفيل احمداڻي، انچارج فيضو  پي پي سيف الدين جعفري، ايچ سي عبد الله  شاھ آءِ ٽي انچارج سيف الله چانڍيو خلاف خانپور ٿاڻي تي 395-365-427-454-148-149-220-ppc تحت سيشن ڪورٽ جي حڪم تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪجھه ڏينهن اڳ ڊي اسي پي خانپور رانا نصر الله جي اڳواڻي ۾ شڪارپور نيو فوجداري ٿاڻي جي پوليس خانپور لھر محلي ۾ رات جي وقت عبدالوھاب لھر جي گھر تي چڙھائي ڪري گھر ۾ داخل ٿي سندس جي پٽ بابو لھر ۽ نصيب الله  لھر سميت ٻن مھمانن کي کنڀي کڻي وڃي گم ڪيو ھو، پوليس جي اھڙي ڪارروائي بعد ارشادان خاتون زال علي خان عرف عبدالوھاب لھر سيشن ڪورٽ شڪارپور ۾ پوليس خلاف درخواست داخل ڪرائي ھئي ڪورٽ جي حڪم تحت بابو لھر نصيب الله  لھر سميت چار ماڻھن کي پوڪيس آزاد ڪيو ھو ۽ سيشن ڪورٽ پاران   ڪيس داخل ڪرڻ جو پڻ حڪم ڪيو ھو، جنهن  بعد خانپور ٿاڻي تي پوليس عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.