بدين (رپورٽر) گهر تي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪريو، بدين ۾ ڳوٺاڻن جو احتجاج خبر موجب بدين شھر ڀرسان لغاري ڳوٺ جي رهواسين رسول بخش سولنگي، رمضان سولنگي، گلشاد سولنگي، دلشاد سولنگي ۽ زاهده سولنگي ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاج ڪندي چيو آهي ته  ڳوٺ جا رهواسي عبدالحڪيم لغاري ۽ وزير لغاري بنا جواز عورتن سان حرڪتون ڪري تنگ ڪندا ۽ ڌمڪيون ڏيندا رهندا هئا، انهن کي روڪڻ تان ڄاڻايل جوابدارن رات جي وقت اسان جي گهرن ۾ داخل ٿي حملو ڪري اسان کي تذليل جو نشانو بڻايو ۽ وحشاڻو تشدد ڪري نوجوان دلشاد سولنگي کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو آھي، جنهن جو ماڊل ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪرايو آهي، جڏهن ته پوليس جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري، هنن ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.