ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) پٿورو شھر جي پنھنجي اخبار جي ھاڪر گھر تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو، ھاڪر گل شير ملڪ احتجاج ڪندي ۽ دانھيندي الزام ھنيو ته پٿورو شھر جي شاھي بازار ۾ منھنجو دڪان ۽ مٿان گھر ٺهيل آھي، منھنجي گھر جي پاسي ۾ بااثر سيٺ محمد اقبال ۽ سيٺ عمر جو گھر آھي، ھنن پنھنجي گھر جي ٽيئن منزل جي تعمير ڪرڻ وقت گھر جا لينٽر منھنجي گھر جي ڀتين تي رکي منهنجي ايراضي ۾ قبضو ڪيو آھي، جنهن ڪري وزن پوڻ سبب منھنجي گھر ۽ دڪان جي ڀتين ۽ ڇت ۾ ڏار پئجي ويا آھن، جيڪي ڪنھن وقت به ڪري سگھن ٿا ۽ جاني توڙي مالي نقصان ٿي سگھي ٿو، هن چيو ته مون اھڙي دانھن مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي به ڏني آهي، پر سيٺ بااثر هجڻ ڪري منھنجي ڪير به ٻڌڻ وارو ڪونھي، ھن اعليٰ عملدارن کي اپيل ڪندي چيو ته ممھنجي گهر جي ڀتين مٿان غير قانوني طور ٺاھيل لينٽر ھٽائي قبضو خالي ڪرائي ڏنو وڃي ۽ منھنجي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.