ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته رمضان جي پهرين ڏهي جي موقعي تي صوبائي سطح تي سيڪيورٽي قدمن کي غير معمولي بڻايو وڃي، مرڪزي مسجدن، امام بارگاهن ۽ ٻين کليل هنڌن تي تراويح جي نماز دوران پوليس جي مقرري يقيني بڻائي وڃي، مرڪزي مسجدن، امام بارگاهن سميت  کليل هنڌن جي ڪليئرنس کي يقيني بڻايو وڃي، پوليس پيٽرولنگ، اسنيپ چيڪنگ ۽ ٻيا سيڪيورٽي اپاءَ ورتا وڃن. سيڪيورٽي انتظامن کي حدن، ضلعن ۽ زونن جي لحاظ کان اثرائتي ۽ مربوط بڻايو وڃي، سيڪيورٽي کي هر سطح تي فول پروف بڻايو وڃي.+