گهرو وزير ضياءَ لنجار هٿ سان گهر کي باهه ڏياري: مسرور جتوئي

0
19
گهرو وزير ضياءَ لنجار هٿ سان گهر کي باهه ڏياري: مسرور جتوئي
گهرو وزير ضياءَ لنجار هٿ سان گهر کي باهه ڏياري: مسرور جتوئي

دريا خان مري(ن پ ا) نيشنل پيپلز پارٽي جي صوبائي صدر ۽ اڳوڻي ايم پي اي دريا خان مري ۾ انتظار عرف دارا ملڪ جي چانهه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي مسرور جتوئي چيو ته 20 مئي تي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف مورو ۾ پرامن احتجاج ڪندڙن مٿان فائرنگ ڪري زاھد لغاري ۽ عرفان لغاري کي گوليون ھڻي بيگناھه شھيد ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي احتجاج ڪندڙن کي زخمي ڪيو ويو، هن چيو ته اسان به جاچ ڪئي آھي، شھيد ٿيلن جا وارث به چون ٿا ته مورو ۾ ھارين ۽ مزدورن طرفان احتجاج ڪيو پئي ويو، جنھن جي پوليس انتظاميا پڻ اجازت ڏني، مگر سول ڪپڙن ۾ ھٿياربندن پرامن احتجاج کي پرتشدد احتجاج ۾ تبديل ڪيو، مسرور جتوئي چيو ته ضياءَ لنجار هٿ سان گهر کي باهه ڏياري منهنجي وڏي ڀاءُ تي ڪيس داخل ڪرايا، اميد آھي ته ھٿ ٺوڪيا ڪيس جلد ختم ٿي ويندا، مسرور جتوئي چيو ته اسان توڙي شھيد زاھد لغاري ۽ عرفان لغاري جي وارثن پاران عدالتي انڪوائري جو مطالبو ڪيو ويو آھي.