اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گهرو مامرن جي وفاقي وزير رانا ثناءُ الله سان پاڪستان  ۾ مقرر سعودي جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪ سعودي وچ ۾ ٻطرفي تعلقات سميت گڏيل دلچسپي جي مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، گهرو وزير رانا ثناءُ الله سعودي حڪومت ۽ خادمين حرمين شريفين کي حج لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، پاڪستاني حاجين لاءِ روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ کي ڪامياب ڪرڻ تي ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا تعلقات انتهائي تاريخي ۽ ڀائپي تي ٻڌل آهن، سعودي پاڪستان جي مشڪل ترين حالتن ۾ هميشه دل کولي مدد ۽ معاونت ڪئي آهي، پاڪستان ۽ سعودي وچ ۾ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ وڌايو ويندو، ان موقعي تي سعودي سفير ڳالهائيندي چيو ته هلندڙ سال پاڪستان مان 80 هزار حاجي زائرين روڊ ٽو مڪه سهولت مان فائدو ورتو.