اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي. محسن نقوي چيو ته پاڪستاني قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بيشمار قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستان جي بهادر قوم دهشتگرديءَ جي لعنت جو بهادريءَ سان مقابلو ڪري رهي آهي. قانوني دستاويز رکندڙ ڪنهن به غير ملڪي شهري خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي، قانوني دستاويزن نه رکندڙ پرڏيهي شهرين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان برطانيا سان پراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. برطانوي هاءِ ڪمشنر چيو ته هو پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ چاهين ٿا.