اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي هيومن رائيٽس سيل جي صدر اڳوڻي  سينيٽر فرحت الله  بابر چيو آھي ته گھرو زارت پاران ھڪ مھيني جي ڊگھي ترديد کانپوءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي سامھون اعتراف ڪيو آھي ته ھن انٽيلجنس ايجنسين جي مشوري تي سوشل ميڊيا پيلٽ فارم ايڪس کي بلاڪ ڪري ڇڏيو ھو، ھي حڪومت ڪرڻ جو ھڪ خطرناڪ طريقو آھي. جنھن ۾ اسٽيبلشمينٽ اھڙا فيصلا ڪري رھي آھي جيڪي احتساب کان بالاتر آھن، معيشت، تعليم ۽ جمھوري حقن جو خيال نٿو رکيو وڃي. اھڙي طرح پي ٽي اي جي سربراھ پاران عدالت سامھون اھو بيان ڏنو ويو آھي ته ھو مونجھاري جو شڪار آھي ۽ ھي بيان زخمن تي لوڙ ٻرڪڻ برابر آھي. ان ۾ ڪھڙي مونجھاري جي ڳالھ آھي جيتوڻيڪ گھرو زارت پاڻ تسليم ڪيو آھي ته 17 فيبروري تي ھن ايڪس کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھيو. ھي معطلي ان وقت ڪئي وئي جڏھن راولپنڊي ۾ ھڪ سينيئر بيوروڪريٽ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ھڪ اعليٰ جج تي 8 فيبروري جي چونڊن ۾ ھيرا ڦيري ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو ھو. ان بعد ان بيورو ڪريٽ جي ڪا جاچ نه ٿي ھئي ۽ نه ئي ان خلاف ڪو ڪيس داخل ٿيو. هن چيو ته  سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪافي ڀيرا حڪم ڏئي چڪي آھي پر ايڪس کي بحال ناھي ڪيو ويو.  ذميوارن خلاف قدم کڻڻ سوڌو سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس کي فوري طور تي بحال رکيو وڃي.