گھارو(ن پ ا) گھارو نمبر هڪ ۾ شورا پاڙي مان پرائمري استاد راشد جي گھر ۾ چوري جي عجيب واردات اڻڄاتل چور چوري ڪري گھر جي ڪمري کي باهه ڏئي فرار ٿي ويا، پرائمري استاد راشد جو چوڻ آھي ته اسان شادي تي ويل ھئاسين ته رات دير سان چور گھر ۾ گھڙي قيمتي سامان ضروري ڪاغذات موٽرسائيڪل جا ڪاغذن سميت سمورو سامان کڻڻ بعد گھر کي باهه ڏئي ويا آھن، ھن وڌيڪ چيو ته اھو چور جو ڪم ناھي، ڪنھن دشمني تحت ائين ڪيو آھي، گھارو ٿاڻي تي گھر ڌڻي راشد جي فرياد تي اين سي داخل ڪئي وئي آھي، پوليس جو چوڻ آھي ته اسان وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.