گھارو(ن پ ا) گهارو ۾ مبينا پوليس مقابلو، نوجوان کي ڏوهاري ڄاڻائي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ان سلسلي ۾ پوليس پنهنجي جاري ڪيل پريس رليز ۾ دعويٰ ڪندي چيو آهي ته گهارو ٿاڻي جي حد هاليجي لنڪ روڊ آر بي او ڊي سم نالي ڀرسان پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن جي سڃاڻپ صدام عرف منڊو ولد جعفر ملاح رهواسي چاليا ڪينجهر طور ٿي آهي، پوليس جو چوڻ آھي ته ابتدائي جاچ موجب زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار ٺٽي، ڪينجهر، مڪلي، ڌاٻيجي، گهارو ۽ ساڪرو جي مختلف علائقن ۾ ڦر، موٽرسائيڪل ڦرڻ سميت ڏوهن جي مختلف وارداتن ۾ ملوث آهي.