ٺٽو/گهارو(رپورٽر+ن پ ا) گهارو ڀرسان ڪار جي ٽڪر ۾ پيرسن فوت، ڊرائيور گرفتار خبر موجب گھارو ويجھو ڳوٺ احمد آباد ٿهيم وٽ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ ڳوٺ قادر بخش ميربحر جو رھائشي پيرسن گل محمد ميربحر موقعي تي فوت ٿي ويو، حادثي کانپوءِ ڪار جو ڊرائيور فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڳوٺ وارن سندس پيڇو ڪري کيس پڪڙي ورتو، اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي فوتي جو لاش رورل ھيلٿ سينٽر گھارو آندو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،