گهارو(ن پ ا) گهارو ڀرسان ڄام برانچ  ويجهو موٽرسائيڪل سوار پيرسن اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر  ۾ فوت ٿي ويو، فوتي جو تعلق ٻاٻڙا ويجھو تلي جي ڳوٺ سان آھي، حادثو ٻاٻڙا روڊ تي پيش آيو، فوتي جي سڃاڻپ بشو جوکيو طور ٿي آهي، فوتي جي لاش کي مقامي ماڻھون کڻائي رورل هيلٿ سينٽر گهارو آندو، جتي ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻئي پاسي موٽرسائيڪل کي ٽڪر ھڻندڙ گاڏي جو پتو نه پئجي سگھيو.