گھارو(ن پ ا) گهارو لڳ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي خبر موجب گھارو گولائي وٽ تيز رفتاري سبب ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾97 موري واسي شبير ولد سليم شورو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته منظور ولد احمد بخش شورو ۽ ڪبير شاھه ولد جاويد شاھه سخت زخمي ٿي پيا. فوتي جو لاش ۽ زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر گھارو منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي سول اسپتال ريفر ڪيو ويو، شاهدن موجب حادثو گھارو کان نجي اسپتال مان مريض لاءِ دوا وٺي واپس ويندڙ شورو برادري جي موٽرسائيڪل سوارن جي تيز رفتاري سبب پيش آيو، گھارو گولائي وٽ ٻنهي موٽرسائيڪلن وچ ۾آمھون سامھون ٽڪر ٿيو.