اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي جلوس جي مرڪزي ڪنٽينر کي باهه لڳي وئي. باهه ان ڪنٽينر کي لڳي جنهن تي علي امين گنڊاپور، بشريٰ بي بي، عمر ايوب ۽ ٻي قيادت سوار هئي. باهه بابت پي ٽي آءِ وارن پاڻ ڪجهه نه ٻڌايو آهي. پر پي ٽي آءِ جي فيس بڪ پيج تي شام ڌاري جي وڊيو موجود آهي جنهن ۾ اسٽيج تان اعلان ڪيو ويو هو ته ڪنٽينر جو سائونڊ سسٽم خراب ٿي ويو آهي ۽ جنريٽر ۾ به مسئلو آهي ان کي درست ڪرايو وڃي.

عمران سنگجاني ۾ احتجاج تي راضي، بشريٰ جو انڪار

اسلام آباد: ترجمان ڪي پي حڪومت بئرسٽر سيف چيو آهي ته عمران سنگجاني ۾ احتجاج تي راضي ٿي ويو هو ۽ چيو هو ته حڪومت سان ڳالهيون ڪريو، پر بشريٰ بي بي نه مڃيو ۽ اعلان ڪيائين ته ڊي چوڪ ئي وينديس پوءِ اتي پهچي وياسين، هن چيو ته احتجاج جي تجويز هئي پر پي ٽي آءِ جي اعليٰ قيادت فيصلو ڪيو ته ڊي چوڪ وينداسين، نجي ٽي وي چينل جيو نيوز سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته عمران بشريٰ سان نه پر علي امين گنڊاپور سان فون تي رابطو ڪيو هو، بئرسٽر سيف چيو ته تشدد، ضد، انا سان نه پر ڳالهين سان ئي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، حڪومتي بيان معاملا خراب ڪري رهيا آهن، هن چيو ته مطالبن جي مڃتا تائين اتي ويهنداسين، تشدد جو نتيجو حڪومت جي خلاف نڪرندو، خبرون اچي رهيون آهن ته حڪومت رات جو مظاهرين خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون ڪري سگهي ٿي ان ۾ وڌيڪ جانيون وڃي سگهن ٿيون.