پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه حڪومت جي ترجمان بئريسٽر سيف چيو آهي ته علي امين گنڊاپور کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير ۽ بلاول ڀٽو کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، پاڪ پتن جي اسپتال ۾ آڪسيجن جي کوٽ سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز استعيفيٰ ڏئي، بئرسٽر سيف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي پيغام ڏيندي چيو ته جنهن ڏينهن سوات جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، ان ڏينهن 80 ماڻهن کي بچايو ويو، حادثي واري ڏينهن موسم خراب هو، هيليڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿي سگهي پيو، پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئرسٽر سيف چيو ته گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جهڙي غيرسنجيده شخص کي جواب ڏيڻ نه ٿو چاهيان.