پشاور(م ڊ) اسلام آباد ڌرڻي ۾ ڪنٽينرز، گاڏين ۽ سائونڊ سسٽم کي ڪروڙين رپين جي نقصان جو انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن موجب ڪرائي تي سامان ورتو ويو هو ان دوران بلٽ پروف ڪنٽينر، گاڏيون ۽ سائونڊ سسٽم سڙي ويو هو، جنهن سان ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو، خاطري باوجود ٺيڪيدارن کي گهربل رقم ناهي ملي سگهي ۽ اهي بار بار وزيراعليٰ هائوس جا چڪر لڳائي رهيا آهن، وڏي وزير علي امين گنڊاپور ٺيڪيدارن کي ٿيل نقصان تقريبن 10 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.