پشاور(م ڊ) خيبر پختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ وڏو وزير علي امين گنڊاپور آمهون سامهون، گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته مون کي گورنر هائوس جو تحفظ ڪرڻ اچي ٿو، وڏو وزير گورنر هائوس تي چڙهائي ڪرڻ چاهي ٿو ته مان تيار آهيان، پنهنجي بيان ۾ گورنر چيو ته گنڊاپور کي اسلام آباد ۾ ڀڄڻ لاءِ ايڪسپريس وي ملي ويو هو، گنڊاپور کي مان هنن رستن تي ئي گهليندس، وڏو وزير پنهنجي ڪرتوتن ۽ زبان کي لغام ڏئي، مان اسرار گنڊاپور ناهيان، تو جهڙن غنڊن کي منهن ڏيڻ مون کي اچي ٿو،وڏي وزير علي امين گنڊاپور گورنر هائوس تي قبضي جي ڳالهه ڪئي، گنڊاپور کي چيلينج آهي، اچي قبضو ڪري ڏيکاري، مان توکي روڊن تي گهليندس. اوهان پنهنجي باس کي جيل مان نٿا ڪڍي سگهو، جيڪڏهن قانون ٽوڙيو ويو ته اوهان کي به جيل ۾ وڌو  ويندو.